سنڌ يونيورسٽي جي آتم ڪهاڻي


سنڌ يونيورسٽي جي آتم ڪهاڻي

سرفراز وڌو


آئون پنهنجي تعارف جي محتاج نه آهيان، ڇو جو مان پاڪستان جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي آهيان، مون کي پنهنجي باني تي اڳ به فخر هو، هاڻ به آهي ۽ هميشه رهندو. جنهن مون کي عروج جي عرش تائين پهچايو، منهنجو باني به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، محترم علامه آءِ آءِ قاضي جو نالو اڄ به پوري سنڌ جي نه پر پوري پاڪستان جي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو جنهن منهنجو قيام وڌو.
مون پنهنجي هن طويل سفر ۾ ڪيترائي منظر ڏٺا، هر سال نوان چهرا، نيون اميدون ۽ نون خوابن سا گڏوگڏ جذبن جي لاهن چاڙهن وارا منظر به ڏٺا، مون ڪڏهن به پنهنجي شاگردن کي اجنبي يا پراڻي هجڻ جو احساس نه ڏياريو، پر انهن کي هميشه ان نظر سان نهاريو جنهن نظر سان هڪ ماءُ پنهنجي ٻچن کي ڏسندي آهي.
مان جڏهن پنهنجي ابتدائي دور ۽ هاڻي واري دور تي هڪ نظر وجهندي آهيان ته مون کي زمين ۽ آسمان جي وچ وارو فرق نظر ايندو آهي، ڪاڏي ويا اهي جوڌا ۽ دودا ۽ ڪاڏي ويا اهي شاگرد جيڪي صرف هڪ خاص مقصد لاءِ منهنجي حدن ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ ڪاڏي ويا اهي چهرا جيڪي امن جي نشاني هئا. منهنجي هنج مان ڪيترائي فائز ٿيا. جن جي تقدير کي ته مون چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ڇو جو هو نيڪ مقصد کڻي آيا هئا ۽ انهن مان ڪيترائي هن وقت تائين اعليٰ عهدن تي فائز آهن.
جيڪي شاگرد اڳ ۾ هڪ خاص مقصد کڻي مون ڏانهن ايندا هئا، هاڻ نيڪ مقصد ته وين وسري، ويتر اچڻ سان ئي عياشي ۽ مون تي هڪ بادشاهه وانگر روب ڄمائن ٿا، ڄڻ ڪا مان هنن جي ملڪيت هجان. ڪجهه عرصي کان وري هن وقت جي سرواڻ جي ڪوششن سان ماحول ڪافي بهتر ٿي رهيو آهي ۽ منهنجي هنج ڪشادي آهي، ايتري جو 20 هزار شاگردن کي پنهنجي هڪڙي هنج ۾ پالي رهي آهيان.
مون کي ان وقت شديد تڪيلف ٿيندي آهي جڏهن ڪجهه شاگردن جي رويي کي ڏسي منهنجون ٻه ڀينرون مون تي کلنديون آهن، مهراڻ ۽ لمس يونيورسٽي جن جو وجود منهنجي وجود جي ڪري ئي آهي، پوءِ انهن جا طعنا سهان ٿي صرف توهان جي لاءِ. ڇا مان اڳ جي شاگردن وانگي توهان کي سٺو ماحول يا سٺي تربيت نه ڏني؟ ڇا مون توهان هر هڪ کي پنهنجي هنج ۾ بادشاهت وارو مزو نه ڏنو؟ ڇا مان توهان کي مستقبل سڌارڻ جو موقعو نه ڏنو؟ جي ها ته پوءِ مون سان اهڙو رويو ڇو ٿا رکو.
مون کي پنهنجي شاگردن تي يقين آهي. نيٺ ته هو صحيح رستي تي ايندا، ان اميد ۾ مون ڪيترائي سال گهاريا آهن، اڙي اوهه مؤرخ! تون ڇو ايترو انڌو ٿي پيو آهين جو پنهنجي مقصد کي به وساري ويٺو آهين.
مٿين مواد کي مون ۾ پڙهندڙ شاگرد ميار سمجهن يا نصيحت، پر مون کي انهي روشني جو اڄ به انتظار آهي، جيڪا مون پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ ڏٺي، مان ڪا بلا نه آهيان، مان آهيان مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو!

Comments