يونيورسٽي جي روڊن تان گذرندي - علي نواز ڪيريو
يونيورسٽي جي روڊن تان گذرندي
علي نواز ڪيريو
اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي واقعا ۽ قصا ٻڌا آهن پر ڪجهه منظر اهڙا به هوندا آهن جيڪي اسان جي زندگي جا حصا بڻجي ويندا آهن ۽ انهن کي وسارڻ اسان جي وس ۾ ناهي هوندو آهي. اهڙن يادگار لمحن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا روڊ ۽ رستا به آهن جيڪي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد ڪڏهن به وساري ڪونه سگهندا.
سنڌ يونيورسٽي جي روڊن ۽ رستن جي هر وقت مختلف ذاتين جا شاگرد گڏجن ٿا ۽ هلندي هلندي اسان کي اجنبي خوبصورت ۽ حسين چهرن جا ماڻهو ملندا آهن جيڪي هميشه جي لاءِ دلين ۾ سمائجي ويندا آهن جيڪي اسان لاءِ وسارڻ ناممڪن بڻجي وڃن ٿا وري جڏهن پيپر هلي رهيا هوندا آهن ان مهل سنڌ يونيورسٽي جا روڊ، رستا خالي نظر ايندا آهن. روڊن ۽ رستن جي سونهن بڻجندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سينٽرل لائبريري ۾ امتحان جي تياري ۾ مصروف هجن ٿا ۽ وري ڪي شاگرد پيپر ڏيڻ ۾ مصروف هوندا آهن ۽ وري خالي روڊن جي سونهن گل ۽ ٻوٽا جهليندا آهن، جنهن کي ڏسندي ئي اسان جون سموريون ٿڪاوٽون ختم ٿي وينديون آهن. اهي ئي روڊ رستا جڏهن رات ٿيندي آهي ته ان وقت خاموش ٿي ويندا آهن.
۽ انهيءَ وقت چانڊوڪي جي روشني ۾ ايترا ته خوبصورت ۽ عجيب لڳندا آهن جو ماڻهو جيڪڏهن رات جي وقت اهي منظر ڏسي ته ائين ئي لڳندو آهي ڄڻ رات جي پهر سمنڊ ڪنارو هجي يا سنڌو جو ڪپ. ڄامشورو شهر اڳ ئي هوائن ۽ خوبصورت ماڻهن جو شهر چيو ويندو آهي جيڪا هڪ حقيقت به آهي اها حقيقت اسان رات جي چانڊوڪي پهر ۾ سنڌ يونيورسٽي جا روڊ ڏسنداسين ته بخوبي اندازو ٿي ويندو.
هي روڊ ۽ رستا هر سال جي آخر ۽ شروعات وارن ڏينهن ۾ به ڏسڻ وٽان هوندا آهن. سال جي آخر ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگرد يونيورسٽي کي الوداع چئي رهيا هوندا آهن. هرهڪ شاگرد غم ۾ مبتلا هوندو آهي ڇو ته يونيورسٽي جا چار سال زندگي جا سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ يادگار بلڪه نه وسرندڙ وقت جو حصو بڻجي ويندا آهن.
انهن ئي روڊن رستن تي سال جي آخر ۾ ثقافتي ڏينهن به ملهايا وڃن ٿا هر شعبي جي شاگردن پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي رقص ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ هرهڪ شاگرد جي چهري ۾ خوشي جا لمحا هجن ٿا ۽ کل ڀوڳ ۽ مذاق لڳي پئي هوندي آهي.
وري سال جي شروعات ۾ يونيورسٽي جي روڊن تي نون شاگردن کي سينئر شاگردن هٿان هلڪي ڦلڪي ريگنگ جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، جنهن ۾ ڀرپور نموني جا مختلف آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، ادا پنهنجو نالو ٻڌاءِ، ڊپارٽمينٽ ٻڌاءِ ها! ها! نه ٻڌو زور سان ٻڌاءِ ڇا وري ٻڌاءِ وغيره مطلب هر پاسي کل ۾ ٻهڪندڙ چهرا نظر ايندا آهن.
مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ شاگرد پاڻ ۾ ملي ڪري هڪٻئي جي سڃاڻپ ڪرائين ٿا جيڪا اڳتي هلي دوستي ۽ ڀائرن جهڙي رشتي جي صورت اختيار ڪري ٿي ۽ انهن روڊ ۽ رستن تي روز هڪٻئي سان ملي ڪري هو پنهنجي رشتي جي مضبوطي جو به ثبوت ڏين ٿا ۽ هڪٻئي جي مدد پڻ ڪندا آهن ۽ انهيءَ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي روڊ ۽ رستن تي اڪثر شاگرد گهمندي نظر ايندا آهن جيڪي مختلف ڪئمپس سان تعلق رکن ٿا.
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جا اهي روڊ ۽ رستا جيڪي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي منزل ڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ انهن روڊ ۽ رستن تان گذرندي اسان کي احساس ٿئي ٿو ته اسان هتي ڪنهن مقصد جي لاءِ آيا آهيون ۽ انهن روڊ رستن تان گذرندي اسان کي پنهنجو مستقبل نظر اچي ٿو. مادر علمي جي روڊ ۽ رستن تان گهمندي اسان کي با اخلاق استاد به ملن ٿا جيڪي اسان جي همٿ افزائي ڪن ٿا ۽ هر طرح جي مدد پڻ ڪن ٿا ته جيئن اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهون.
هاڻي ڳالهه ڪجي ٿي سنڌ يونيورسٽي جي روڊن ۽ رستن تي موجود فقيرن جي! هر شعبي جو ڄڻ پنهنجو فقير مقرر ٿيل هجي منهنجو مطلب هر فقير وٽ الڳ الڳ شعبو آهي بس توهان کي رڳو پنهنجي شعبي مان ٻاهر نڪرڻ جي دير آهي ٻاهر نڪرندي ايئن چنبڙي ويندا آهن جيئن وياج جا پئسه يا وري قرضدار.....! ايتريون دعائون ڏيندا آهن رب توهان کي ڪامياب ڪندو، خوش ڪندو، امتحان هلندڙ هجن يا نه پر رب توهان جا پير سٺا ڪرائيندو وغيره وغيره جهڙيون دعائون ڏيندا فقيرن کي جيڪڏهن معافي جو چئجي ٿو ته بد دعائون ڏين ٿا خير اهڙي قسم جا انيڪ واقعا رونما ٿين ٿا.*

Comments
Post a Comment