موسيقي به ڪاروبار بڻجي ويئي سرفراز احمد وڌو
موسيقي به ڪاروبار بڻجي ويئي
سرفراز احمد وڌو

چوندا آهن ته ”موسيقي روح جي غذا آهي“. پر اڄوڪي دؤر ۾ ته موسيقي جو نقشو ئي مٽيل نظر اچي رهيو آهي. موسيقي روح جي غذا بدران روح جي سزا بڻجندي وڃي پئي. ميڊيا جي تيز هجڻ سبب ان ڳالهه سان بلڪل متفق آهيون ته مختلف چينلز ۾ واڌ اچي وئي آهي. پوءِ ڇونه اهي خبرن جا هجن يا ميوزڪ جا، پر جيڪو هي چينلن موسيقي جي بنياد تي ڪاروبار شروع ڪيو آهي، اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه پئي اچي.
پراڻي موسيقي لاجواب هئي، ڇو جو ان ۾ تال به هيو ته سُر به، شاعري به سٺي هئي ته راڳي به. پر اڄوڪي موسيقي توبهه زاري سائين جيڪو به فنڪار اسٽيج تي اچي ٿو ڳائڻ لاءِ، ته استاد فيروز گل وارو يارهون ڪارو سُر ملائي ٿو جيڪو باجي ۾ به ڪونهي. پوءِ ته سائين فنڪار ۽ موسيقي جي وچ ۾ ڄڻ ته مهاڀاري جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. گاني جو سُر اوڀر ڏي ويو ته تال اولهه ڏي. بس پوءِ فنڪار جو ٽوپ نراڙ تي، چپڙي يڪتاري جو ڪٽڪو لڳو پيو!
ڪشش چينل سنڌي موسيقي جي حساب سان تمام سٺو چينل آهي ۽ ٻئي هن چينل ۾ اها به خاصيت آهي ته هر روز توهان کي هن چينل تي نئون فنڪار نظر ايندو، پوءِ ڀلي ان کي ڳائڻ اچي يا نه اچي. هر نئون فنڪار پئسا ڀري البم ته ڪڍرائي ٿو پر پوءِ ويل ٻڌندڙن لاءِ بڻجي وڃي ٿو.
فنڪارن جي وڌندڙ آدمشماري کي ڏسي اها پيشنگوئي ڪري سگهجي ٿي ته هڪ ڏينهن ڳائڻ وارا گهڻا ۽ ٻڌندڙ ٿورا ٿي ويندا. اها سٺي ڳالهه ته ڀلي فنڪار وڌن، پر سُريلا ته هجن جنهن کي ان فن جي ڄاڻ ته هجي. ائين نه ٿي جو گاني ٻڌڻ واري جا ڪن رت سان ڀرجي وڃن. جيڪڏهن ڪو هڪڙو فنڪار سٺو گانو ڳائي ٿو ته ٻين کي باهه لڳي وڃي ٿي. نيٺ ان گاني جو سر ۽ دهن چورائي 33 گانا ان هڪڙي گاني جي ڪاپي ڪري ڳايا وڃن ٿا. جنهن سان ان سٺي گاني جي اهميت به ڪِري پوي ٿي.
رڳو فنڪارن ڏي ڏوهه نه آهي. شاعر به گهٽ ڪونه ٿا ڪن. مشهور شاعر ”پپو چريو“ ڪونه سمجهو ڇا؟ اڙي سائين وحيد هڪڙو نه ڇڏي اٿئين ڪا دهن جنهن کي ڪاپي نه ڪيو هجي. سڀ انڊيائي گانن جون دهنون چورائي ناس ڪيون اٿس. سچ پڇو ته جي هي انڊيا وڃي ته انڊيا وارا هن کي جيل ۾ وجهرائي ڇڏين. ان کان پوءِ سائين مولائي ممتاز، هي به تمام مقبول شاعر آهي، ڪنهن وقت ۾ هوٽل هلائيندو هو پر هاڻي سائين الله جي مهرباني سان شاعر آهي.
فنڪارن ۾ مرحوم جلال چانڊيو تمام سٺو ڳائڻو هو يڪتاري ۽ چپڙي واري فن کي هن تمام سٺي هٿي ڏياري. پر هاڻي ان کي به ڪونه ٿا بخشين، آخري جلال، جوڳي جلال، ننڍڙو جلال مطلب ته جلال جي سينچري لڳي وئي پر جلال ڪونه کُٽا.
دلشير تينوڻو جنهن جو هڪڙو گانو آهي ته ”مون کي اچڻ ڇڏ ۽ منهنجي ڀت ڀڃڻ ڏسجان“ واهه سائين واهه مطلب ته جنهن کي به پنهنجي گهر جي ڀت ڀڃرائڻي هجي ته اهو دلشير تينوڻي سان رابطو ڪري.
اهڙا ڪيترائي فنڪار آهن جي انهن جا نالا لکان ته پوري روشني اخبار ڀرجي ويندي. سنڌي موسيقي کي به ريميڪس ڪري ڳايو وڃي پيو. ٻڌندڙ فنڪار جو آواز گهٽ ميوزڪ وڌيڪ ٻڌن ٿا. ها سائين آواز سمجهه ۾ اچي نه اچي ميوزڪ ٻڌي وقت پاس ٿي وڃي ٿو.
ڪشش جي نئين فنڪارا نگهت ناز، جڏهن نگهت ناز اسٽيج تي ڳائڻ ايندي آهي ته ماڻهو ان پريشاني ۾ هوندا آهن هوءَ ڳائڻي آهي يا ڊانسر، ڳائيندي گهٽ ڊانس وڌيڪ ڪندي آهي اهو به پنهنجي ئي ڳايل گاني تي خبر ئي ڪونه ٿي پوي ته موسيقي جو آخر ڇا ٿيندو.*
Comments
Post a Comment