ريلوي اسٽيشن تي ٽائيمه پاس ڪندڙماڻهو سرور ٻروهي

ريلوي اسٽيشن تي ٽائيمه پاس ڪندڙماڻهو

سرور ٻروهي

تفريح جا گھڻائي قسم ھوندا آھن مطلب ڪنھن پارڪ ۾ وڃي ويھڻ ، سمنڊ ڪناري تي گھمڻ ، ھوٽل تي ويھي فلم ڏسڻ يعني ھر ماڻھو جو مختلف شوق ھوندو آھي . اھڙي طرح ريلوي اسٽيشن کي به ڪجھ ماڻھو تفريح گاھ طور سمجھن ٿا.
27 جنوري 2011ع جي ڳالھ آھي مونکي ان ڏينھن تي صبح جو سوير اٿڻو ھو، ڇو جو جنھن ماڻھو سان مان رابطي ۾ ھيس اھو جيڪب آباد مان رات 12 وڳي نڪتو ھو ۽ صبح جو 6 وڳي نوابشاھ پھچڻ وارو ھو انھي فڪر ۾ ننڊ نه پئي آئي نيٺ صبح جلدي اٿي ڪوچ اڏي تي وڃي انتظار ڪرڻ لڳس ڇو جو ان مھمان کي مون سان ملي ڪري وري اڳتي وڃڻو ھو ۽ اڳتي ھن کي رستي ۽ گاڏين جي خبر نه ھئي تنھن ڪري مون سان رابطو ٿيل ھئس.
ويھ منٽ انتظار ڪرڻ کانپوءِ گاڏي پھچي وئي مھمان سان ملڻ کان پوءِ ويجھو ئي ھڪ ھوٽل تي چانھ ۽ ناشتو ڪرڻ وياسين، ھوٽل تي ويھڻ سان اسان پنھنجن حال احوالن ۾ لڳاسين ته پاسي واري ٽيبل تي ٻه نوجوان ويٺا ھئا، انھن مان ھڪڙي جو آواز آيو ته ”اڙي جلدي چانھ پي وٺ سپر ايڪسپريس جو ٽائيم ٿيڻ وارو آھي متان ھي به تيزگام وانگر نڪري نه وڃي“.
ٻي دوست وراڻيو ڏس ته ھا اڙي ھلون ٿا تڪڙ ڇاجي؟ سڄو ڏينھن اڃان پيو آ، ھوئن به صبح وارن گاڏين ۾ مزو نه ھوندو آھي مسافر سُتا پيا ھوندا آھن گھڻو ڪري، مزو ته اتي آھي جو سڀ جاڳندا ھجن، جيئن ڪنھن جو ديدار به ماڻھو صحيح طرح ڪري سگھي.
ھنن جون ڳالهيون ٻڌي مون وارو مھمان اچرج ۾ پئجي ويو ۽ آھستي آھستي مون کان پڇڻ  لڳو ته ٽرين ايندي ته ديدار بازي ڪنداسين، جلدي ڪر وغيره وغيره.
پر حقيقت ۾ مونکي به ان وقت ڪجھ سمجھ نه آيو صحيح طرح، ڪجھ سوچڻ کان پوءِ ذھن ۾ آيو ته جيڪي ڳالھيون مان ٻڌندو ھئس ته ھُئين ئي فلاڻو اسٽيشن تي سڄو ڏينھن پيو آھي ايندڙ ويندڙ ريل گاڏين ۾ جيڪي مسافر آھن انھن کي ڏسي ٽائيم پاس ڪندو آھي.
ڇو جو اسان جي پاڙي ۾ به هڪ اھڙو ئي شخص موجود آھي جيڪو پيشي جي لحاظ کان ھڪ ننڍڙو زميندار آھي ليڪن ھن جي اھا عادت اسان ننڍپڻ کان ٻڌندا پيا اچون، ته هي اڃا شادي شده به نه هو ته هن جو اهو شوق هوندو هو ۽ هاڻ ته ان جا پٽ اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. هاڻ به صبح جو ناشتو وغيره ڪري ان کان پوءِ ڏاڍو پينٽ شرٽ وغيره پائي ڪارا چشما به پائي روڊ ڏي ئي اهو ٿو وڃي ۽ هرڪو ڏسي چوندو هو ته سائين وڃي پيو ڊيوٽي تي ۽ حقيقت ۾ به هُئين ئي ڪندو آهي. صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين ريلوي اسٽيشن ۽ پوءِ سڌو سرڪاري اسپتال جا چڪر ڪاٽيندو آهي سج لٿي تائين.
اها ڳالهه سمجهائڻ کان پوءِ مهمان ٻڌي ڪري کلڻ لڳو ۽ چيائين ته حيرت آ ماڻهو ريلوي اسٽيشن تي مجبوري کان ايندا آهن، هنن هڪ عجيب قسم جو تفريح گاهه بڻايو آهي.
اهو ڏينهن ٿيو مهمان ته ويو پنهنجي منزل ڏانهن پر مان اسٽيشن ڏانهن رخ ڪيم جتي هڪ مائٽ ريلوي ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي بابو سان گڏ، ان سان وڃي ملي ڪري ڪچهري ڪندي آهستي آهستي انهن ماڻهن جي باري ۾ ذڪر ٿيو ۽ مان سوال ڪيم ته ڏي خبر هتي واندا ماڻهو به گهڻا گهمندا ڦرندا هوندا يا نه؟
پوءِ سائين ڇا چوان ان مون کي الف کان ي تائين پوري حقيقت ٻڌايائين ته هتي جيڪي ماڻهو تون ڏسين ٿو هنن ۾ 50 سيڪڙو اهڙا ماڻهو آهن جيڪي صرف ۽ صرف پنهنجو ٽائيم پاس ڪرڻ آيا آهن.
هُونءَ هيئن ڪندي ڪندي هاڻ عادي ٿي ويا آهن روز پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو اٿن ته اسٽيشن تي لازمي وڃڻو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ گاڏين جا وقت به ياد اٿن ته ڪهڙي گاڏي ڪهڙي وقت تي نوابشاهه پهچندي.
سمجهيو وڃي ته هنن جو هڪ قسم جو نيٽ ورڪ آهي، ڇو ته هڪ يا ٻه نه آهن هنن جو تعداد گهڻو آهي ۽ هنن هڪٻئي سان دوستي به رکي آهي گاڏي جي اچڻ سان اسٽيشن جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين چڪر پيا هڻندا جنهن بوگي ۾ ڪو حسين چهرو نظر آيو ته پوءِ اتي بيهي ڪري مختلف انداز سان اسٽائل هڻندو. گاڏي وڃڻ کان پوءِ ساڳيو وڃي بينچ تي ويهندا ۽ پاڻ ۾ ٻٽاڪون پيا هڻندا ۽ ٻي گاڏي جو انتظار ڪندا اهو سلسلو گهڻو پراڻو آهي. مان به پنهنجي مائٽ جون ڳالهيون ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويس ته هي به ڪا زندگي آهي .......؟*

Comments