قاسم آباد تي هڪ نظر زاهد حسين سهتو
قاسم آباد تي هڪ نظر
زاهد حسين سهتو

قاسم آباد! آخر لاوارث ڇو؟ جتي ڪيتريون ئي سياسي ۽ انقلابي شخصيتون رهائش پذير آهن. سڀ روڊ رستا وکريل وکريل آهن ۽ نه ڪنهن پارڪ ۾ ڪا رونق سواءِ شهر جي گندي پاڻيءَ جي. قاسم آباد جيتوڻيڪ حيدرآباد ضلعي جو هڪ تعلقو آهي پر ان هوندي به نه ڪوئي روڊ ٺهيل ملندو ۽ نه ڪنهن پارڪ جي ڪا وارثي. هن تعلقي جي روڊن تي هلندي منٽن جي سفر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃي. وک وک تي بريڪر ۽ ايترا ته کڏا جنهن تي هلندي ائين پيو لڳي ڄڻ ته اسين ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪچي آباديءَ واري علائقي ۾ پيا هلون.
هڪ عجيب ڳالهه اها ته نسيم نگر چوڪ کان شيدي ڳوٺ ويندڙ رستي جو کاٻو پاسو جنهن کي ٽي سال گذري چڪا آهن پر اهو اڃا تعميراتي ڪم هيٺ آهي، نه ته انهن ٽن سالن ۾ اهو پورو ٿي چڪو آهي ۽ نه ڪو ٻيو حل ۽ ان پيل رستي تي ڪجهه رهائش پذير ماڻهن پنهنجون پراپرٽيون به جوڙايون آهن.
هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها ته جيڪا پونم پيٽرول پمپ وٽ پارڪ پل ٺهي آهي جنهن جي ٺهڻ سان قاسم آباد جي خوبصورتيءَ کي هاڃيڪار ڌڪ رسيو آهي. ۽ ٻئي طرف حسين آباد ۽ لطيف آباد ويندڙ گاڏيون ته آسانيءَ سان گذر ڪن ٿيون پر قاسم آباد جي مين روڊ بند ٿيڻ سان شهر مان نڪرندڙ گاڏيون هر روز انهن سان ٽڪرائجن ٿيون ۽ اتي روز ڪو ننڍو يا وڏو حادثو روز جو معمول بنجي چڪو آهي.
حيدرآباد ضلعي جو لطيف آباد به تعلقو آهي جنهن ۾ ويندي ان جي روڊن تي نه ڪو کڏو ۽ نه ڪو بريڪر نظر انيدو پر قاسم آباد باءِ پاس جي ويجهو هوندي به سورن ۾.
انهن شين جو ذميوار آخر ڪير آهي جنهن هن تعلقي کان پنهنجي خوبصورتي کسي محروم ڪري ڇڏيو آهي. لطيف آباد کي ڏٺو وڃي ته اتي جي روڊ رستن جي مرمت هر سال ڪئي ٿي وڃي ۽ لطيف آباد تعلقه هاسپيٽل ۾ هر سهولت موجود آهي، پر قاسم آباد جي تعلقه هاسپيٽل ۾ نه ته دوا آهي ۽ نه ڊاڪٽر پنهنجون ذميداريون سمجهن ٿا، ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءَ جي ڪري قاسم آباد جي عوام کي سٺي هاسپيٽل وڃڻو ٿو پوي يا وري انهن ساڳين ڊاڪٽرن جن جي ڊيوٽي ته تعلقه هاسپيٽل ۾ آهي پر اهي پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ تي ٽائيم ڏين ٿا ۽ عوام انهن جي ڳرين فيسن کي پنهنجي دل تي پٿر رکي برداشت ٿو ڪري.
ڏٺو وڃي ته قاسم آباد لطيف آباد کان هڪ بهتر جڳهه تي قائم آهي ڇو ته باءِ پاس جو گذر هن تعلقي مان ئي ٿئي ٿو پر ان هوندي به هن ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪا سهولت ميسر نه ٿي ملي. سوال اهو آهي ته ڇا هن تعلقي جي ڪا به بجيٽ نه آهي يا انهن جو استعمال ڪنهن ٻئي جاءِ تي ڪيو پيو وڃي؟*
Comments
Post a Comment