گهوٽڪي ۾ صحافت - زبير احمد لڪڻ

گهوٽڪي ۾ صحافت

زبير احمد لڪڻ

موجوده دور جي ترقي لاءِ علم ۽ ادب سان گڏوگڏ آزاد صحافت جو هجڻ پڻ ايئن آهي جيئن مڇي کي زندهه رهڻ لاءِ پاڻي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي جنهن به ملڪ ۾ آزاد صحافت جو ڪردار نظر ڪونه ٿو اچي ڄڻ ته اتي رونق ڀرئي زندگي جنم ئي نه ورتو هجي.
جن ملڪن ۾ آزاد صحافت جو نظريو ناهي اتي جي زندگي جهالت جي اهڙي ڪن ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿي، جنهن مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪوبه امڪان ناهي.
گهوٽڪي جي صحافت جو مثال به اهڙو ئي آهي جتي ظلم، قومي جهيڙا، اسٽريٽ ڪرائيم، عزت جي نالي تي قتل چوٽ چڙهيل آهن وري انهن سڀني ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ صحافي سوڳوار ڀوتارن ۽ سردارن جي چاپلوسي ۽ خوشامد ڪرڻ ۾ پورا آهن، انهن جي هٿن ۾ جيڪو آزاد قلم ڏنو ويو آهي، جيڪو صرف نالي ماتر ئي آزاد آهي. اهي انهيءَ قلم کي صحيح معنيٰ ۾ استعمال ڪرڻ کان پري ٿيندا پيا وڃن، ڇا سبب آهي، انصاف ڏيارڻ ۾ مدد لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪندڙ صحافي انهن ظالمن جا پول پڌرا ڪرڻ کان لنوائن پيا.
هن ظلم ۽ ستم واري قبيلائي جهيڙن، سردارن جي رياست ۽ ڪاروڪاري جي نالي سر عام پاڪ دامن عورتن جي قتل عام ڪرڻ واري رياست کي ڪير بچائيندو ڪهڙو قلمدان انهن سڀني ظلمن جا پول پڌرا ڪندو، جڏهن ڪجهه پرڪار انهن جا ظاهر به ٿين ٿا ته پوءِ جيڪا انهن صحافي ڀائرن سان ٿئي ٿي ان کان خدا ئي پناهه ڏئي. ڪي وري با اثرن جي هٿ سبب بچي وڃن ٿا.
هن لطيف سرڪار جي ڌرتي جي هن بي رحم رياست تي جتي وڏيرا شاهي آهي، ڪي ڄام آهن ته ڪي دربان ۽ ڪي وري خان صاحب آهن، جمهوريت ڪٿي آهي، آزاد عدليا ڪٿي آهي آزاد ۽ معتبر سياستدان ڪٿي آهن جي-ايم-سيد جا نظرياتي پيروڪار ۽ لطيف گهوٽ جو رسالو حفظ ڪندڙ ڪٿي آهن اهي معتبر ليکڪ جن کي قلم سڏ ٿو ڪري ته مون کي صحيح استعمال ڪيو ڪاري نظام جو خاتمو آڻيو، هي قلم واسطو ٿو ڏي انهن عظيم ڏاهن کي خدارا ڇو مونکي ڏاڍ جي اڳيان جهڪايو ويو آهي. صحافت هڪ طرف ته سڀني براين کان پاڪ سمجهيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف صحافت کي ئي معاشري ۾ سڀ کان خراب سمجهيو وڃي ٿو، صحافت جنهن کي لفظن جي ذهن سان راند پڻ چيو وڃي ٿو.
صحافت ۾ صرف ذهن کي سچ جي واٽ تي قربان ڪرڻو پوي ٿو. ۽ هر انهيءَ سماجي برائي کي منظر عام تي بنا ڪنهن خوف جي عام ذهنن تائين آڻڻ جو نالو ئي صحافت آهي.
شهر کي نئين سر قلم جي زور تي تعمير ڪريون. اچو ته هڪ دفعو ٻيهر خوشحالي آڻيون سچ جو مان مٿانهون ڪريون ۽ انهن ترقي يافته ملڪن جي صحافتي ادارن کي اهو واضح پيغام ڏيون جيئن هر مظلوم جي خبر ميڊيا تي اچي سگهي.
قدرتي وسيلن سان مالا مال شهر جو حق اتان جي رهندڙ اصل حقدارن کي ڏياريون جن وٽ رات جو خوفناڪ اونداهي ۾ روشني ڪرڻ لاءِ ڪو ڏيئو ناهي ۽ انهيءَ شهر انهيءَ ڌرتي مان نڪرندڙ قدرتي گئس کي سندن حقيقي مالڪن کي ڏياريو. جيڪڏهن آزاد صحافت اهڙو زنده ڪردار ادا نه ڪيو ته هي شهر دنيا جي نقشي تان خارج ٿي ويندو ۽ قيامت حقيقي معنيٰ ۾ هن شهر مان ئي برپا ٿيندي.*

Comments