ٿر جا دلڪش منظر
دولت مينگهوار

سنڌ جو وارياسو خطو جنهن کي ريگستان سڏيو وڃي ٿو. جتي واري جون ڀٽون آهن، ان لاءِ چوڻي مشهور آهي ته ”وٺو ته ٿر نه ته بر ئي بر“، بلڪل انهيءَ طرح جڏهن برسات نه پوندي ۽ اونهاري جي موسم ۾ گرم هوائون ۽ لڪون لڳنديون آهن ۽ سج جي تپش جڏهن واري تي پوندي آهي ۽ واري تپي باهه ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهو گرمي کان بچڻ لاءِ وڃي وڻن جي ڇانو ۾ ويهندا آهن ۽ سڪون محسوس ڪندا آهن.
پر جڏهن سانوڻي ۾ مينهن پوندو آهي ته هر پاسي گاهن جي گلزار ٿي ويندي آهي ۽ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ هوندي آهي. ۽ ٿر ڪشمير جو ڏيک ڏيڻ لڳندو آهي، تڏهن ماروئن جي چهرن تي سرهائي هوندي آهي. ۽ هر مارو ڏاڍو خوش هوندو آهي. ٿر ۾ پوک برسات تي ٿيندي آهي. مينهن جي پاڻي تي فصل پوکيا آهن.
ٿر جون عورتون گهر جو ڪم ڪار لاهي ٻني جو رخ ڪنديون آهن ۽ سڄو ڏينهن مردن سان گڏ ٻني جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائينديون آهن، پکي آکيرن ۾ مٺيون ٻوليون ٻوليندا آهن.
مالوند مارو صبح سوير مال ڪاهي جهنگ ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ شام جو واپس موٽندا آهن. ٿر جا ماڻهو ڪچهري جا ڪوڏيا آهن. رات جو مچ ٻاري ان جي چوڌاري ڪانڀ ڪڍي ويهندا آهن. ۽ ڪچهري ۾ لڳي ويندا آهن. ۽ هڪ ٻئي کي ڳجهارتون، ڏوهيڙا، نڙ بيت ڏيندا آهن، ڪچهري ۾ اهڙو ته رس هوندو آهي جو دل باغ بهار ٿيندي آهي ۽ ايئن ئي انهن جو وقت گذرندو آهي. هاري جون سڀ اميدون ۽ احساس ان جي فصل ۾ هوندا آهن.
جنهن سال مينهن گهٽ پوندو آهي ته ان جو فصل سُڪي ويندو آهي، پر ڪنهن سال ته بنهه نه پوندو آهي ۽ ماروئن جون پريشانيون وڌي وينديون آهن ۽ اُهي پنهنجو مال ڪاهي بئراجي علائقن جو رخ ڪندا آهن ۽ برسات پوڻ تائين اُتي ئي رهندا آهن ۽ جڏهن مينهن پوندو آهي ته تڏهن اهي پنهنجي ماڳن تي موٽي ايندا آهن.
ٿر ۾ پاڻي مشڪل سان ملندو آهي ۽ پري پري کان پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻو پوي ٿو. کوهن ۾ پاڻي تمام هيٺ هوندو آهي، ان جي گواهي ڀٽ ڌڻي به ڏني آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”آڌي اٿن جي پاڻي ناهي پاتال ۾“
ڪي ڪي ماڻهو برسات جو پاڻي گڏ ڪري رکندا آهن ۽ سڄو سال استعمال ڪندا آهن. ايتريون مشڪلاتون هوندي به انهن جي چهرن تي هميشه مُرڪ هوندي آهي.
وسڪاري ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان ماڻهو ٿر گهمڻ ايندا آهن ۽ انهيءَ دوران ماڻهن جي شهرن ۾ اچ وڃ لڳل هوندي آهي.
ٿر سنڌ جو قديم ۽ تاريخي خطو آهي. هتي ننگرپارڪر، ويراواهه، ڀالوا گوڙي جا مندر ۽ ڀو جي مسجد گهمڻ وٽان آهن. جيڪي ٿرپارڪر جي قديم ۽ تاريخي ماڳ آهن.
ننگرپارڪر ۾ هندن جا تاريخي ۽ مذهبي آستان آهن جتي هزارن جي تعداد ۾ هندو تيرٿ ياترا ڪرڻ ايندا آهن. ٿر جي خوبصورتي کي ڪنهن شاعر پنهنجن لفظن ۾ ڪجهه هن طرح بيان ڪيو آهي.
دلڪش هر منظر اچڻ سارو سونهن نگر آ
سون ورني هي ڌرتي ۽ سُرمئي امبر آ
اهڙو ئي منهنجو ٿر آ، اهڙو ئي منهنجو ٿر آ.
Comments
Post a Comment